پاٽائي شهاب الدين سهروردي

پاٽائي، شهاب الدين سهروردي: ميان شهاب الدين سهروردي صديقي، سيوهڻ، پاٽ ۽ برهانپور ۾ رهندڙ صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو. هن ئي سڀ کان اڳ پاٽ جو شهر آباد ڪرايو، جنهن کي ”قبلة الاسلام“ چيو ويندو هو. بعد ۾ اهو شهر ڦٽي ويران ٿي ويو ۽ ٻيو نئون شهر آباد ڪرايو ويو. پوئين پاٽ جو بنياد مفتي عبدالواحد ڪبير، مخدوم عبدالواحد ثاني سيوستانيءَ جي ڏاڏي جي زماني ۾ رکيو ويو. شهاب الدين سهروردي صديقيءَ جو تفصيلي احوال معلوم ٿي نه سگھيو آهي. وفات 894 ھه/ 1489ع ۾ ڪيائين، سندس اولاد هند ۽ سنڌ ۾ علم جي زيور سان آراسته رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو